تاريخ باب الاسلام سنڌ

تاريخ باب الاسلام سنڌ

تاريخ باب الاسلام سنڌ

تاريخ باب الاسلام سنڌ (ڪتاب ):هي ڪتاب ڊاڪٽر حبيب الله صديقيءَ جي تحقيقي تخليق آهي. صديقي صاحب هن ڪتاب جي مسودي کي يارهن بابن ۾ ورهايو آهي. پهرئين ۽ ٻئي باب ۾، سنڌ ۾ اسلام جي اشاعت ۽ ان جي عوام تي اثر جو ذڪر آهي. ٽئين باب ۾ ”پاٽ“ شهر جي تاريخ، چوٿين باب ۾ پاٽ ۾ صديقي خاندان جي آمد ۽ ان جا سبب، پنجين باب ۾ پاٽائي صديقي خاندان جو حسب نسب، ڇهين باب ۾ پاٽائي صديقين جا عربي اڪابر، ستين باب ۾ سهروردي صديقين جو ذڪر، اٺين باب ۾ سهروردي صديقين جي سنڌ ۽ هند ۾ آمد، نائين باب ۾ سمن جي دور ۾ اسلام جي اشاعت، ڏهين باب ۾ ارغون ۽ ترخان دور ۾ پاٽ جون حالتون ۽ يارهين باب ۾ برهان پور جي پاٽائي صديقين ۽ ٻين سنڌي اوليائن جو ذڪر آهي. هن پڪي جلد سان ڊبل ڪرائون سائيز واري ڪتاب جي قيمت 350 رپيا آهي. حبيب الله صديقي اڪيڊميءَ طرفان هيءَ ڪتاب 1996ع ۾ شايع ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو